پير حسن آريءَ جي مزار

پير حسن آريءَ جي مزار

پير حسن آري

پير حسن آري: پير حسن آري پنهنجي دؤر جو مشهور ولي ٿي گذريو آهي. سندس والد جو نالو سيد عيسب هو. روايت آهي ته هو تمام سهڻو هوندو هو، جيئن ته ماڻهو سندس حُسن جو جلوو ڏسڻ لاءِ بيتاب هوندا هئا. ان ڪري اڪثر پنهنجو چهرو لڪائي هلندو هو. جنهنڪري آري سڏيو ويندو هو. سندس مزار ميان سيد حاجي رح جي قبرستان ۾آهي. ڪي ماڻهو سندن تربت کي آرياڻي بيبيءَ جي تربت به سمجهن ٿا، ڇو ته پاڻ منهن ڍڪي هلڻ ڪري آري يا آرياڻي سڏبو هو. سندس تربت تي به سيد حسن آرياڻي لکيل آهي. سندس مزار مٽياري شهر ۾ آهي.


لفظ پير حسن آريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو